سائبيري ڪونج

سائبيري ڪونج

سائبيري ڪونج

سائبيري ڪونج (Grus Leucogeranus/ Pallas): هي ڪونج پکيءَ جي جنس سان تعلق رکي ٿو، جيڪو 150 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هن جي ڳچي ڊگهي ٿيندي آهي. هن ڪونج جو نر، ماديءَ کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. هن جون ٽنگون سنهيون ۽ کنڀ اڇا هوندا آهن ۽ ان جي پرن جي پکيڙ 4.9 کان 8.6 ٿئي ٿي. اُن جي پير جون آڱريون ڳنڍيل، مُڙيل ۽ ڪُنڍيدار هونديون آهن، جيڪي گلابي/ ڳاڙهي رنگ جون ٿين ٿيون. هن جي پٺي ۽ پيٽ سميت سڄو جسم اڇو هوندو آهي ۽ ڳاڙهي چوٽي اکين جي پويان شروع ٿيندي آهي. هن پکيءَ جي چهنب پيلي رنگ جي ۽ ان جو پڇ ڪڪڙ وانگر وريل ٿيندو آهي. هن جا پر 27.3 کان 24 سينٽي ميٽر تائين ٿين ٿا. هي پکي اتر هندستان يا اپکنڊ طرف سياري ۾ ولر ڪري ايندا آهن. هي پکي صبح جو سوير يا شام جو فصلن ۾ غذا ڳوليندو آهي. هي ميداني علائقن ۾، پاڻياٺ ۽ ڍنڍن واري ماحول ۾ رهندو آهي، خاص ڪري منڇر، حمل، هاليجي ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي لهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو